آصف زرداري ۽ نواز شريف جون گاڏيون قبضي ۾ وٺڻ جو فيصلو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, July 30, 2020

آصف زرداري ۽ نواز شريف جون گاڏيون قبضي ۾ وٺڻ جو فيصلو


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب توشه خانه مان تحفي ۾ ملندڙ گاڏيون وٺڻ تي ڪرپشن ريفرنس کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون گاڏيون قبضي ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نيب طرفان احتساب عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نيب آصف زرداري جي 3 گاڏين مڪليت منجمد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته نواز شريف جي توشه خانه مان ورتل گاڏي جي ملڪيت به منجمد ڪئي وئي آهي.

احتساب عدالت نيب کان سمورين گاڏين جو رڪارڊ طلب ڪندي جاچ آفيسر کي 5 آگسٽ تي رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

واضح رهي ته احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته آصف زرداري کي به اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

The post آصف زرداري ۽ نواز شريف جون گاڏيون قبضي ۾ وٺڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages