

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي ٻٽي شهريت رکندڙ خاص مددگارن کي عهدن تان هٽائڻ جي درخواست رد ڪندي فيصلي ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عوام کي جوابده آهي، اڪيلو رياست جو نظام نٿو هلائي سگهي، خاص مددگارن جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي ۽ انگ جي به ڪا پابندي ناهي، ٻٽي شهريت تي وزيراعظم جي خاص مددگارن تي شڪ نٿو ڪري سگهجي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله وزيراعظم جي ٻٽي شهريت رکندڙ مددگارن کي ڪم کان روڪڻ ۽ عهدن تان هٽائڻ لاءِ داخل درخواست رد ڪرڻ جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي خاص مددگارن کي ٻٽي شهريت سبب عهدن تان هٽائڻ جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي، وزيراعظم جو خاص مددگار ٻٽي شهريت تي نااهل نٿو ٿي سگهي، ٻٽي شهريت رکندڙ شخص به پاڪستاني آهي، محب وطني تي شڪ نٿو ڪري سگهجي.
فيصلي موجب وزيراعظم عوام کي جوابده آهي، اڪيلو رياست جو نظام نٿو هلائي سگهي، ٻٽي شهريت تي وزيراعظم جي خاص مددگارن تي شڪ نٿو ڪري سگهجي، خاص مددگارن جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي ۽ انگ تي به ڪا پابندي ناهي.
واضح رهي ته پاڪستان منصف پارٽي جي چيئرمين ملڪ منصف ٻٽي شهريت رکندڙن جي خاص مددگارن طور مقرري کي چئلينج ڪيو هو.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا هئا ته آرٽيڪل 93 صلاحڪارن بابت آهي، خاص مددگار بابت ناهي، آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته مددگار ٻٽي شهريت نٿو رکي سگهي.
The post خاص مددگارن کي عهدن تان هٽائڻ جي درخواست رد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment