ڀارت هندي وڏي سمنڊ کي جوهري هٿيارن سان ليس ڪري رهيو آهي: پاڪستان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, July 30, 2020

ڀارت هندي وڏي سمنڊ کي جوهري هٿيارن سان ليس ڪري رهيو آهي: پاڪستان


بپن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت هندي وڏي سمنڊ کي جوهري هٿيارن سان ليس ڪري رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان عائشا فاروقي چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي کي 360 ڏينهن ٿي ويا آهن، ڀارت ڪنٽرول لائن تي بنا سبب فائرنگ جاري رکيو پيو اچي، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ عيد جي نماز تي پابندي جي مذمت ڪري ٿو، گڏيل قومون ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺن، اهي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن.

هن چيو ته ڀارت هندي وڏي سمنڊ کي جوهري هٿيارن سان ليس ڪري رهيو آهي، ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل آهي ۽ ڀارت دنيا ۾ هٿيارن جو سڀ کان وڏو امپورٽر بڻجي ويو آهي پر پاڪستان هر قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت طرفان رافيل جهازن جي خريداري جون خبرون ڏٺيون آهن، رافيل جهاز جديد سسٽم سان ليس آهن، اسان جا فرانس سميت ٻين ملڪن سان ٻه طرفا لاڳاپا آهن، رافيل جهاز ڀارت کي ڏيڻ جو معاملو اڃا تائين فرانس سان ناهي اٿاريو.

عائشا فاروقي موجب بي جي پي جي هندوتوا ايجنڊي واري حڪومت خطي جي امن لاءِ خطرو آهي، ڀارتي حڪومت جا قدم اقليتن لاءِ به خطرو آهن.

ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي حوالي سان ڳالهائيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته ڪلڀوشن کي ٽين قونصلر پهچ تي ڀارت جو اڃا تائين جواب ناهي آيو.

The post ڀارت هندي وڏي سمنڊ کي جوهري هٿيارن سان ليس ڪري رهيو آهي: پاڪستان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages