ڪلڀوشن ياديو لاءِ قانوني نمائندو مقرر ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, July 30, 2020

ڪلڀوشن ياديو لاءِ قانوني نمائندو مقرر ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو لاءِ وڪيل مقرر ڪرڻ جي حڪومتي درخواست تي خاص بئنچ جوڙي ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله 2 رڪني خاص بئنچ جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جي سربراهي چيف جسٽس پاڻ ڪندو، جڏهن ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ساڻس گڏ بئنچ جو حصو هوندو.

عدالت حڪومت طرفان ڪلڀوشن لاءِ وڪيل مقرر ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ به مقرر ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي عيد کانپوءِ 3 آگسٽ تي سومر ڏينهن خاص بئنچ ٻڌڻي ڪندي.

حڪومت تازي جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس تحت درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ وفاق کي بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ جج ايڊووڪيٽ جنرل برانچ جي ايڇ ڪيو کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪلڀوشن سزا خلاف درخواست داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪلڀوشن ڀارت جي مدد بنا پاڪستان ۾ وڪيل مقرر نٿو ڪري سگهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت به آرڊيننس تحت سهولت حاصل نه پيو ڪري، تنهن ڪري عدالت ڪلڀوشن لاءِ قانوني نمائندو مقرر ڪري ۽ حڪم ڏئي ته انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي موجب ذميواري پوري ٿئي.

The post ڪلڀوشن ياديو لاءِ قانوني نمائندو مقرر ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages