قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي احتجاج دوران ئي دهشتگردي جي انت وارو ترميمي بل منظور - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, July 29, 2020

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي احتجاج دوران ئي دهشتگردي جي انت وارو ترميمي بل منظور


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي احتجاج دوران دهشتگردي جي خاتمي وارو ترميم بل منظور ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، وزير اعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ دهشتگردي جي انت وارو ترميمي بل 2020ع ايوان ۾ پيش ڪيو، ان دوران مخالف ڌر احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. مخالف ڌر ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ اسپيڪر دائس جو گهيراءُ ڪيو. مخالف ڌر طرفان هڪ ٽڪي جا 2 نيازي گو نياز گو نيازي جا نعرا هنيا ويا.

اسپيڪر نعري بازي ۽ هنگامي جي باوجود دهشتگردي جي انت وارو ترميمي بل 2020 جي مرحليواري منظوري جاري رکي.

The post قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي احتجاج دوران ئي دهشتگردي جي انت وارو ترميمي بل منظور appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages