عمر ايوب پاران ڪراچي کي ملندڙ بجلي سستي قرار - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, July 29, 2020

عمر ايوب پاران ڪراچي کي ملندڙ بجلي سستي قرار


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب ڪراچي جي شهرين کي ملندڙ بجلي سڀ کان سستي قرار ڏئي ڇڏي.

قومي اسيمبلي ۾ ٻڌائيندي عمر ايوب چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي 5 سئو ڪي وي جي گرڊ ٺاهڻ لاءِ چيو ويو آهي، وفاق ساڍا 8 سئو ميگا واٽ بجلي پڻ نيشنل گرڊ مان ڏي پيو.

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو ٽيرف نيشنل ٽيرف کان ساڍا ٽي رپيا گهٽ آهي، جنهن کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، ڪي اليڪٽرڪ ۾ سنڌ جي نمائندي ڏنڊ گهٽ ڪرڻ جي سفارش به ڪئي.

عمر اويب ٻڌايو ته نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ گرڊ سسٽم تي سيڙپڪاري ناهي ڪئي، اداري طرفان ايل اين جي پلانٽ ايندڙ سال اچي ويندو، جنهن بعد بهتري ايندي.

اسپيڪر اسد قيصر، توانائي واري وفاقي وزير کي ملڪ ۾ سسٽم جي بهتري واري فزبلٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

The post عمر ايوب پاران ڪراچي کي ملندڙ بجلي سستي قرار appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages