ملڪي مفاد ۾ قانون سازي جي بدلي اپوزيشن کي اين آر او نٿا ڏئي سگهون: وزيراعظم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, July 30, 2020

ملڪي مفاد ۾ قانون سازي جي بدلي اپوزيشن کي اين آر او نٿا ڏئي سگهون: وزيراعظم


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن اين آر او گهري رهي آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين ۽ ڪنهن به قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين.

پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن بلن جي منظوري ۾ ساٿ نه ٿئي ها ته پوءِ به پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظور ڪرائي ڇڏيون ها.

هن چيو ته فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس بابت قانون سازي پاڪستان لاءِ ضروري آهي، اسان ماضي جي خرابين کي درست ڪري رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته قومي مفاد ۾ ٿيندڙ قانون سازي ۾ اپوزيشن کي حمايت ڪرڻ گهرجي، ملڪي مفاد ۾ ٿيندڙ قانون سازي جي بدلي اپوزيشن کي اين آر او نٿا ڏئي سگهون.

The post ملڪي مفاد ۾ قانون سازي جي بدلي اپوزيشن کي اين آر او نٿا ڏئي سگهون: وزيراعظم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages