ماءُ آخر ماءُ: تشدد ڪندڙ پٽ ۽ ننهن کي معافي ملي وئي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, July 30, 2020

ماءُ آخر ماءُ: تشدد ڪندڙ پٽ ۽ ننهن کي معافي ملي وئي


راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) زال سان گڏجي پوڙهي ماءُ تي تشدد ڪندڙ پٽ ۽ ننهن کي ماءُ معاف ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کان به پنهنجي پٽن کي معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ پٽ کي پنهنجي پيرسن ماءُ تي بيدردي سان تشدد ڪندي ڏٺو ويو آهي. اِهو افسوس جوڳو واقعو راولپنڊي ۾ ٿاڻي صادق آباد جي علائقي ۾ پيش آيو.

اِها ويڊيو سوشل ميڊيا تي جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي ۽ پاڪستان جي ناليوارين شخصيتن هڪ پٽ طرفان ماءُ تي بيرحماڻو تشدد ڪرڻ خلاف آواز اٿاريو. سوشل ميڊيا تي به واقعو ٽريڊنگ ۾ رهيو هو. بعد ۾ پوليس پيرسن ماءُ تي تشدد ڪندڙ پٽ کي گرفتار ڪري ورتو هو.

پر هاڻ ان پيرسن عورت جي هڪ نئين ويڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن پنهنجي پٽ ۽ ننهن جون سموريون شڪايتون ختم ڪري انهن کي معاف ڪري ڇڏيو. ويڊيو ۾ عورت اِهو چوندي ڏٺي وئي ته منهنجي پٽ ۽ ننهن مون کان معافي گهري آهي ۽ آئون پنهنجي پٽ کي خدا جي حضور ۾ معاف ڪيان ٿي.

The post ماءُ آخر ماءُ: تشدد ڪندڙ پٽ ۽ ننهن کي معافي ملي وئي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages