

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته اسان کي ڪراچي تي ليڪچر نه ڏنو وڃي.
قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي شازيا مري چيو ته جتي به برسات پئي آهي، اتي نقصان ٿيو آهي، ڪراچي ۾ برسات سڀني کي نظر اچي ٿي، لاهور ۽ خيبر پختونخواهه ۾ برسات تي ڪير ڇو نٿو ڳالهائي.
هن چيو ڪراچي ۾ اهڙيون حالتون به رهيون جو ماڻهن کي چيو ويو زيور کپائي هٿيار خريد ڪيو، مان سڀني جا پول پڌرا ڪري سگهان ٿي پر اسان کي قومي معاملن تي ڳالهائڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي ايجنڊا پاڪستان آهي، جڏهن ته هي ڪنهن ٻي ايجنڊا تي ڪم ڪندا آهن.
شازيا مري چيو ته اسان جا صوبائي وزير ڪراچي جي روڊن تي نظر آيا، ڪراچي جا عوامي نمائندا ڪٿي گم هئا؟ اهي ووٽ وٺي سمهي پوندا آهن.
The post سڀني جا پول پڌرا ڪري سگهان ٿي پر …! شازيا مري جي قومي اسيمبلي ۾ تقرير appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment