

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي انتظاميا جهاز حادثي جي وارثن کي هڪ ڪروڙ في مسافر ادائيگي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب سي اي او پي آءِ ايئر مارشل ارشد ملڪ جون انشورنس ڪمپني سان ڳالهين ڪامياب ٿي ويون.
جنهن کان پوءِ قومي ايئر لائن جي ترجمان موجب پي آءِ اي انتظاميا طرفان جهاز حاڊثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن کي هڪ ڪروڙ في مسافر ادائيگي ڪئي ويندي، ان کان اڳ سمورن وارثن کي 50 لک رپيا ادا ڪرڻا هئا جيڪي ڪيرج هاءِ ايئر ايڪٽ 2012ع موجب هئا.
پي آءِ اي جي ترجمان موجب هاڻ سمورن مسافرن جي قانوني وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا في مسافر انشورنس جي مد ۾ ادا ڪيا ويندا، ان کان اڳ پي آءِ اي 10 لک رپيا في مسافر جنازي ۽ تدفين جي مد ۾ پهرين ادا ڪري چڪو آهي، پر وڌايل انشورنس رقم پهرين کان ادا ڪئي رقم کان الڳ آهي.
پي آءِ اي جي ترجمان ان سلسلي ۾ ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻ ان سان قانوني وارثن طرفان جانشيني جي سرٽيفڪيٽ جو انتظار آهي، ان سلسلي ۾ وارثن کي خط موڪليا پيا وڃن.
The post پي آءِ اي جهاز حادثو: فوتين جي وارثن کي 1 ڪروڙ في مسافر ڏيڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment