ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 432 نوان ڪيس رپورٽ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, August 4, 2020

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 432 نوان ڪيس رپورٽ


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 10690 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 432 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 432 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 15 فوتگيون ٿيون جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 80 هزار 461 تائين پهچي ويو جڏهن ته صحتياب ٿيل مريضن جو انگ 2 لک 49 هزار 397 ٿي ويو.

گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 10،690 ٽيسٽون ڪيون ويون. سنڌ ۾ 4484، پنجاب ۾ 4280، خيبرپختونخواهه ۾ 625 ٽيسٽون ڪيون ويون، اسلام آباد ۾ 766، بلوچستان 246، گلگت بلتستان ۾ 85 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 204 ٽيسٽون ڪيون ويون. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ 20 لک 31 هزار 9 سئو 55 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن.

اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ گڏيل فوتين جو انگ 5999 ٿي ويو. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سان سڀ کان وڌيڪ متاثر مريضن جو انگ 1 لک 21 هزار 705، ٻئي نمبر تي پنجاب ۾ مريضن جو انگ 93 هزار 336 رپورٽ، ڪي پي ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر مريضن جو انگ 34253، بلوچستان ۾ انگ 11777، اسلام آباد ۾ متاثر مريضن جو انگ 15095 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 2097 جڏهن ته گلگت ۾ 2198 ٿي ويو.

The post ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 432 نوان ڪيس رپورٽ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages