

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت لاڪ ڊائون ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي جڏهن ته جمعي تي مڪمل لاڪ ڊائون رهندو.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي صوبي ۾ لاڪ ڊائون ۾ واڌ جو اعلان ڪندي چيو ته 15 ڏينهن کان پوءِ بند شعبن کولڻ جو فيصلو ڪنداسين.
هن چيو ته تعليمي ادارا کولڻ بابت حڪمت عملي بڻائي رهيا آهيون جڏهن ته ميڊيڪل اسٽورز ۽ ضرورت جي شين جا دڪان 24 ڪلاڪ کليل رهندا.
ٻئي پاسي پنجاب ۾ ڊيڊ لائن کان ٻه ڏينهن اڳ لاڪ ڊائون ختم ڪيو ويو آهي ۽ 5 آگسٽ تي يوم استحصال جي ريلي ڪڍڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي.
The post بلوچستان حڪومت لاڪ ڊائون ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment