

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)احتساب عدالت ٺٽي واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جي عدم موجودگي جي ڪري بنا ٻڌڻي جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي.
عدالت آصف زرداري جو ريفرنس خارج ڪري بري ڪرڻ واري درخواست تي قومي احتساب بيورو (نيب) کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.
گذريل ٻڌڻي تي عدالت حڪم ڏنو هو ته قومي احتساب بيورو (نيب) بلاول هائوس ۾ ويڊيو لنڪ جو بندوبست ڪري.
احتساب عدالت آصف زرداري جي شريڪ جوابدار اشفاق لغاري کي اشتهاري قرار ڏئي ڪيس الڳ ڪري ڇڏيو آهي.
The post ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس: آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment