

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ گيس انفراسٽريڪچر ڊيولپمنٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) جي خلاف گيس ڪمپنين جون سموريون اپيلون خارج ڪندي هنن کي حڪومت کي 4 کرب 17 ارب رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل3 رڪني بينچ جي آءِ ڊي سي بابت ڪيس جو فيصلو 20 فيبروري تي منظور ڪيو هو.
فيصلو هڪ جج جي مقابلي 2 جي اڪثريت سان ٻڌايو ويو جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه فيصلي ۾ اختلافي نوٽ لکيو.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ڪمپنين کي گيس انفراسٽريڪچر ڊيولپمنٽ سيس جي مد ۾ حڪومت کي 4 کرب 17 ارب رپيا ادا ڪرڻا پوندا.
سپريم ڪورٽ جي آءِ ڊي سي سيس ٽيڪس ڪيس جو محفوط ٿيل فيصلو ٻڌائيندي حڪومت کي ٽيڪس وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته مالي سال 21-2020 جي باقي عرصي ۾ سي اين جي جي وڪري جي قيمت مقرر ڪندي اوگرا سان ڳالهيون نه ڪيون وينديون.
فيصلي ۾ چيو ويو ته وفاقي حڪومت 6 مهينن ۾ ناردرن، سائوٿ پائپ لائن جي ڪم جو آغاز ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندي جڏهن ته افغانستان ۾ تاپي پائپ لائن وڇائڻ وارو ڪم جڏهن ان نڪتي تائين پهچي وڃي ته جتي کان پاڪستان جي زمين تي ڪم جو آغاز ٿي سگهي، حڪومت جلد کان جلد ان تي ڪم ڪندي.
ٻئي پاسي ايران پاڪستان (آءِ پي) پائپ لائن جو ڪم ايران تي لڳل پابندين جي هٽن ۽ رنڊڪون ختم ٿيڻ کان پوءِ فوري بعد ڪيو ويندو.
عدالت قرار ڏنو ته جيڪڏهن مقرر مدي ۾ نادرن-سائوٿ پائپ لائن تي ڪم نه ڪيو ويو ۽ ٻنهي وڏين پائپ لائنن (آءِ ۽ تاپي) وڇائڻ وارو ڪم به سياسي حالتن جي ڪري نه سگهي ٿيو ته سيس لڳائڻ جو مقصد ختم ٿي ويندو ۽ جي آءِ ڊي سي ايڪٽ 2015 مستقل طور تي غير فعال ٿي ويندو ۽ ان کي مئل سمجهيو ويندو.
The post سپريم ڪورٽ: گيس ڪمپنين جون اپيلون خارج، 417 ارب رپيا ادا ڪنديون appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment