

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي رابرٽ ڪوخ انسٽيٽيوٽ ڪورونا ويڪسين جي ايجاد جي دعويٰ واپس وٺي ڇڏي.
وچڙندڙ بيمارين لاءِ جرمني جي ان جڳ مشهور اداري پاڻ پنهنجي تحريري طور ڪيل ان دعويٰ کي واپس ورتو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هيل سرءُ جي مند تائين ويڪسين دستياب ٿي سگهي ٿي.
رابرٽ ڪوخ انسٽيٽيوٽ چيو آهي ته انهن دستاويزن کي غلطي سان پوسٽ ڪيو ويو هو ۽ انسٽيٽيوٽ ان کي پنهنجي ويب سائيٽ تان هٽائي ڇڏيو آهي.
رابرٽ ڪوخ انسٽيٽيوٽ جي هڪ عورت ترجمان ٻڌايو ته ان ڪاغذ تي هڪ پراڻي تاريخ لکيل هئي، جنهن کي هاڻ انسٽيٽيوٽ جي ويب سائيٽ تان هٽايو ويو آهي.
ان کان اڳ اربع ڏينهن رابرٽ ڪوخ انسٽيٽيوٽ اهو دستاويز جاري ڪيو هو، جنهن ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته هيل سرءُ جي مند جي مُنڍ ۾ ويڪسين دستياب هوندي.
The post جرمني ڪورونا ويڪسين جي ايجاد جي دعويٰ واپس وٺي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment