ملڪ ۾ 74هون آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, August 14, 2020

ملڪ ۾ 74هون آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي


سڄي ملڪ ۾ پاڪستاني قوم اڄ 14 آگسٽ 2020ع تي ڀرپور ملي جوش ۽ جذبي سان پنهجو 74هون آزادي وارو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي.

ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب ڏينهن جو آغاز مسجدن ۾ فجر جي نماز کان پوءِ وطن عزيز جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعائن سان ٿيو جڏهن ته والاريل ڪشمير جي عوام ڀارتي غلام مان ڇوٽڪاري لاءِ به خاص دعائون ڪيون.

جنهن کان پوءِ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ صبح سوير 31 توپن جڏهن ته چئني صوبائي گادي وارن هنڌن ڪوئيٽا، ڪراچي، لاهور ۽ پشاور سميت گلگت ۽ مظفر آباد ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي.

جشن آزادي جي موقعي تي ملڪ جي سمورن اهم ۽ سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊو لهرايو ويو ۽ جشن آزادي جي مناسبت هنن کي خوبصورتي سان سجايو ويو آهي.

خيال رهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري صحت واري وزارت طرفان جشن آزادي جي تقريبن ۾ خاص احتياط ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي هئي.

جشن آزادي جي مرڪزي تقريب ايوان صدر  ۾ رٿي وئي جنهن جو خاص مهمان ملڪ جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي هو ۽ تقريب ۾ وفاقي وزيرن سميت اعليٰ سول ۽ عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي.

صبح سويري ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊ جي تبديلي واري پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستان نيول اڪيڊمي جي 2 جٿن گارڊ جا فرض سنڀاليا.

ٻئي پاسي لاهور ۾ شاعر علامه اقبال جي آخري آرام گاهه تي به گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي ۽ مزار اقبال تي گلن جي چادر چاڙهي وئي.

بعد ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار صوبائي وزير ۽ اعليٰ آفيسرن سان گڏ مزار اقبال جي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح خواني ڪئي.

ملڪ جو صدر:

ان موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ملڪ جي صدر عارف علوي چيو ته يوم آزادي ملهائيندي اسان کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي منهن ڏيندڙ ڪشميري ڀيڻن ۽ ڀائرن کي نه وسارڻ گهرجي.

پنهنجي پيغام ۾ ملڪ جي صدر چيو ته ڀارت 3 ڏهاڪن کان انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي لاڪ ڊائون کي لاڳو ڪرڻ کان پوءِ بي گناهه ڪشميرين جي عدالت کان مٿانهين قتل سان گڏوگڏ جبر ۽ ستم ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وئي.

هن چيو ته ڀارت سمورين اقليتن کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ نفرت ۾ واڌ لاءِ هندوتوا نظريو لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا.

صدر جو چوڻ هو ته آئون ڀارتي ظلمن کي منهن ڏيندڙ همت وارن ڪشميرين کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاڪستان هن جي جدوجهد ۾ سندس حق خوداراديت جي لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو.

قوم کي مخاطب ڪندي هن چيو ته هر پاڪستاني کي مضبوطي سان بيهر ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ قوم کي پيش ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏ رهڻو پوندو.

وزيراعظم:

ٻئي پاسي وزير اعظم عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان کي گذريل 7 ڏهاڪن ۾ ڪيترن ئي اندرين ۽ ٻاهرين کي چيلنجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

هن قوم تي ثابت قدم رهڻ ۽ هر چيلينج کي منهن ”اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط“ جي روشني ۾ ڪرڻ تي زور ڏنو.

وزير اعظم چيو ته ملڪ کي قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن جي پيروي جاري رکڻ واري واعدي جي تجديد جي ضرورت آهي.

The post ملڪ ۾ 74هون آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages