طارق جميل، جيڪ ما، ۽ ريشم سميت 184 شخصيتن لاءِ پاڪستان سول ايوارڊز جو اعلان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, August 14, 2020

طارق جميل، جيڪ ما، ۽ ريشم سميت 184 شخصيتن لاءِ پاڪستان سول ايوارڊز جو اعلان


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوم آزادي جي موقعي تي 184 شخصيتن جي لاءِ پاڪستان سول ايوارڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سول ايوارڊز پنهنجي شعبن ۾ بهترين خدمتون انجام ڏيندڙ ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيتن کي ڏنا ويندا. انهن مان 6 شخصيتن کي نشان امتياز عطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ناليواري مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل کي صدارتي حسن ڪارڪردگي واري صدارتي ٻلي سان نوازيو ويندو. سينيئر وڪيل نعيم بخاري ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر عبدالقادر کي ستاره امتياز ڏنو ويندو.

سول ايوارڊز ايندڙ سال 23 مارچ تي يوم پاڪستان تي ڏنا ويندا، صادقين نقوي، پروفيسر شاڪر علي، ظهور الحق مرحوم، عابده پروين، ڊاڪٽر جميل جالبي، محمد جميل خان مرحوم ۽ احمد فراز مرحوم جي لاءِ نشان امتياز جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر انوار الحق حسن گيلاني ۽ ڊاڪٽر آص محمود جاهه کي هلال امتياز سان نوازيو ويندو.

ٻن پرڏيهي شخصيتن ڪوريا جي ڪيوجيونگ لي ۽ ڪينيڊا جي سلمان عطا الله جان کي ستاره پاڪستان سان نوازيو ويندو. علي بابا جي جيڪ ما کي هلال قائد اعظم ڏنو ويندو.

24 شخصيتن کي ستاره شجاعت ڏيڻ جو اعلان به ڪيو ويو جنهن ۾ جواد قمر، صفيه شهيد، حيات الله، ملڪ سردار خان شهيد، ممتاز خان داوڙ شهيد، حيات الله خان داوڙ هرمز شهيد، ملڪ محمد نياز خان شهيد، سپاهي اختر خان شهيد، محمد نويد صادق ۽ ٻيا شامل آهن.

نعيم بخاري، پي ٽي وي جي اڳوڻي پروڊيوسر ۽ خانگي ٽي وي جي سربراهه سلطانه صديقي، اداڪارا بشريٰ انصاري، اداڪار طلعت حسين، رائٽر فاروق قيصر، اڳوڻي ڪرڪيٽر عبدالقادر مرحوم سميت 27 شخصيتن کي ستاره امتياز عطا ڪيو ويندو.

مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل، اداڪارا ريشم، همايون سعيد، سڪينه سمون، گلوڪار محمد علي شيڪي، همايون سعيد، علي ظفر ۽ مهه جبين قزلباش سميت 44 شخصيتون کي صدارتي حسن ڪارڪردگي ٻلو عطا ڪيو ويندو.

پاڪستان جي خدمتن تي چيني شخصيت ينگ يانگ، لي فنگر ان، ترڪي جي ڊاڪٽر سليل سوئيڊان، برطانوي شهري طارق شفيع مرحوم ۽ ميان فيصل رشيد کي به ستاره قائد اعظم جڏهن ته آمريڪي شهري رچرڊ جيري هاروٽز کي ستاره خدمت ڏنو ويندو.

ڊنمارڪ جي مس جيني ٽيلر کي تغمه پاڪستان عطا ڪيو ويندو. ٿائيلينڊجي انومت امات کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن تي تمغه قائد اعظم عطا ڪيو ويندو.

The post طارق جميل، جيڪ ما، ۽ ريشم سميت 184 شخصيتن لاءِ پاڪستان سول ايوارڊز جو اعلان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages