اُهي قومون ڪڏهن به آزاد ناهن ٿينديون جيڪي معاشي طور آزاد نه هجن: شهباز شريف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, August 14, 2020

اُهي قومون ڪڏهن به آزاد ناهن ٿينديون جيڪي معاشي طور آزاد نه هجن: شهباز شريف


لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ن ليگ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ پرچم ڪشائي ڪئي ۽ ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اُهي قومون آزاد ناهن ٿينديون جيڪي معاشي طور تي آزاد نه هجن، جيڪڏهن پاڪستان کي دنيا ۾ اهم مقام ڏيارڻو آهي ته ڪوڙي الزامن ۽ طعنن جي سياست کي دفن ۽ شفاف احتساب کي هٿي ڏيڻي پوندي.

مسلم ليگ ن جي بندوبست هيٺ ماڊل ٽائون مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ جشن آزادي جي تقريب ٿي، مسلم ليگ ن جي صدر ميان شهباز شريف پرچم ڪشائي ڪئي ۽ ڪيڪ ڪاٽيو، خواجا سعد رفيق ۽ راڻا ثناءُ الله سميت ٻيا اسيمبلي ميمبر ۽ ڪارڪن به ساڻس گڏ هئا.

شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو سڄي قوم کي جشن آزادي جي مبارڪ پيش ڪئي ۽ چيو ته اسان پشاور جي هڪ بي آر ٽي جي ڀيٽ ۾ 3 ميٽرو بڻايون، احتساب جي نالي انتقام ورتو پيو وڃي، بيورو ڪريسي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ڪشميرين کي انهن جا حق ڏيارڻ لاءِ لفافا نه پر عملي بندوبست ڪرڻا پوندا.

The post اُهي قومون ڪڏهن به آزاد ناهن ٿينديون جيڪي معاشي طور آزاد نه هجن: شهباز شريف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages