اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني قوم اڄ ملڪ جو 74هون آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور ملي جذبي جي تحت ملهائي رهي آهي، ان موقعي تي سياستدانن به پنهنجي هم وطنن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ملڪ جي هڪ روشن مستقبل جي اميد جو اظهار ڪيو.
شهباز شريف:
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف 14 آگسٽ جي لاءِ پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته پاڪستان قائد اعظم جي سياسي تدبير ۽ هن جي جبل جهڙي عزم جو جيئرو معجزو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري:
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جشن آزادي جي مناسبت سان قوم جي نالي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته آزادي جي قدر حقيقي جمهوريت ۾ آهي.
پ پ چيئرمين قائد اعظ۾ ۽ هن جي قيادت ۾ تحريڪا آزادي ۾ حصو وٺندڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ کي حقيقي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ آئين ۽ جمهوري اصولن جي پيروي ڪندي.
پيغام ۾ هن چيو ته انساني وقار جو احترام ۽ انساني ذات جي ترقي جي ضمانت جمهوريت کان سواءِ ٻيو ڪو نظام ناهي ڏيندو، اسان جي قوم جا نوجوان متحرڪ ۽ آزادي جي اهميت ۽ افاديت کان بخوبي واقف آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي پيش مسئلن جو حل آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت کي قبول ڪرڻ ۽ ان جي پامالي جي خاتمي ۾ آهي، جيستائين قانون جي سامهون سڀ برابر نه ٿينداسين، ملڪ ۽ اندران ۽ ٻاهران بحرانن جو شڪار رهندو.
خالد مقبول صديقي:
متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي 74هين يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو ته آزاد ۽ زندهه قومون پنهنجي آزادي جو ڏهاڙو ان عهد سان ملهائينديون آهن ته هو پنهنجي ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ فلاحي رياست بڻائينديون.
هن وڌيڪ چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان قوم جي حيثيت سان اِهو عهد ڪيون ٿا ته پاڪستان کي باني جي خوابن موجب بڻائينداسين جتي رنگ نسل ۽ مذهب سڀ کي برابر جا حصل حاصل هجن.
سراج الحق:
جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق يوم آزادي تي خاص پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي بقا سلامتي ۽ خوشحالي جو ضامن رڳو اسلام آهي، اسان کي اُهو عهد پورو ڪرڻ لاءِ نئين عزم سان اٿڻو پوندو جو قيام پاڪستان جي وقت اسان الله سان ڪيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته جي3ستائين قوم پنهنجي ان عهد کي پورو نه ڪندي ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي منزل کي حاصل نه ڪري سگهندو آهي ۽ نه ئي قومي وقار ۽ ملڪي خودمختياري جي بحالي ۽ حقيقي آزادي جو خواب شرمند تعبير ٿي سگهي ٿو.
مريم نواز شريف:
مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جشن آزادي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ يوم آزادي جي مبارڪ ڏيندي چيو ته هي خوشي ۽ اميد جو ڏينهن آهي ان سان گڏ به ته پاڪستان کي اُهو بڻائڻو آهي جيڪو ان جو مقصد هو.
هن چيو ته عزيز ڀيڻن ۽ ڀائرن اِهو ويزن ۽ ان تي عملدر اسان جي هٿ ۾ آهي.
شبلي فراز:
سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز هڪ ٽوئيٽر پيغام ۾ قوم کي جشن آزادي جون واڌايون ڏيندي چيو ته زندگي جو حقيقي احساس آزادي جي عظيم نعمت کان سواءِ اڌورو آهي.
هن چيو ته آزاد وطن اسان جي اسلام جي عظم قربانين جو ثمر آهي، والاريل ڪشمير ۽ ڀارت ۾ اقليتن خاص ڪري مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر قائد اعظم جي ٻن قومي نظريين جي سچائي تي مهر تصديق ثابت ڪري رهيو آهي.
شاهه محمود قريشي:
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عظيم پاڪستاني قوم کي يوم آزادي جون واڌايون ڏنيون.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اچو، اڄوڪي ڏينهن اسان هڪ اهڙي پاڪستان جو عهد ڪيون جيڪو پرامن ترقي پسند ۽ راوادار هجي.
The post جشن آزادي جي موقعي تي سياستدانن جا قوم جي نالي پيغام appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment