

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين بابت ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سميت 4 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي جي احتساب عدالت جي آڏو پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين بابت ٻڌڻي ٿي. اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ پيٽروليم واري اڳوڻي سيڪريٽري ارشد مرزا، اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او شيخ عمران الحق ۽ چيف فنانس آفيسر يعقوب ستار پيش ٿيا. عدالت شاهد خاقان عباسي سميت ٻين 4 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. عدالت جي ڪمري ۾ جوابدارن ڏوهه کان انڪار ڪيو. جوابدارن جي انڪار تي جاچ آفيسر شاهدن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ميڊيا سان ڳالهيون:
عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيان سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب جو ٿورائتو آهيان جو مون تي اربين رپين جي ڪرپشڻ جو الزام ناهي هنيو پر اختيارين جي ناجائز استعمال جو الزام هنيو. اِهو ته ٻڌايو اسان جا اختيار آهن ڪهڙا؟ سپريم ڪورٽ به چئي چڪي ته نيب رڳو سياسي انجنيئرنگ ڪندو آهي، ماڻهن کي تنگ ڪرڻ جي لاءِ سياسي طور تي استعمال ٿيندو آهي.
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته اڄ ڪشميرين سان ٻڌي جو ڏينهن آهي ۽ سڄو پاڪستان گڏ ٿيڻ گهرجي. عوام ته گڏ آهي پر بدقسمتي سان حڪومت ٻڌي جو هٿ مخالف ڌر ڏانهن ناهي وڌائي سگهي. هن چيو ته ڪشمير پاڪستاني عوام جي دلين ۾ رهندو.
شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪراچي پاڪستان جي دل آهي. مسئلن کي حل ڪيو وڃي هڪ ٻئي تي نمبر ٺاهڻ سان معاملا حل نه ٿيندا. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي گڏجي ڪم ڪرڻ سان مسئلا حل ٿيندا. وفاقي حڪومت جا ميمبر نالن جي نگراني ڪري رهيا آهن. جن کان پنهنجا کاتا نٿا سنڀالجن اُهي صوبا ڪيئن هلائيندا. نمبر ٺاهڻ بدران ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن کان وفاق نٿو هلي اُهي سنڌ کي ڇا هلائيندا.
The post احتساب عدالت طرفان اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي تي فرد جرم لاڳو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment