سنٿيا کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي درخواست: گهرو وزارت کي 3 هفتن ۾ فيصلي جو حڪم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, August 4, 2020

demo-image

سنٿيا کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي درخواست: گهرو وزارت کي 3 هفتن ۾ فيصلي جو حڪم

cynthia
cynthia

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمريڪي عورت سنٿيا رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي درخواست تي گهرو وزارت کي 3 هفتن ۾ فيصلي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله آمريڪي عورت سنٿيا رچي کي ڊي پورٽ ڪرڻ بابت پ پ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران گهرو وزارت ڌرين کي نوٽيس موڪلي ٻيهر آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ مهلت جي اپيل ڪئي.

ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته گهرو وزارت عدالت جي هدايتن موجب ڌرين کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي، عدالت مهلت ڏئي، ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارروائي مڪمل ڪنداسين، جنهن تي عدالت گهرو وزارت کي درخواست تي 3 هفتن ۾ فيصلو جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس اطهر من الله چيو ته سنٿيا رچي طرفان سنجيده نوعيت جا الزام هنيا ويا آهن، اهو تاثر غلط آ ته ڪا آرگنائيزيشن سياسي بيان جاري ڪرائڻ جي پويان آهي.

چيف جسٽس سنٿيا رچي جي وڪيل کي چيو ته توهان طرفان اهڙا بيان ڏنا ويا، جن جي جاچ ضروري آهي، حڪومت يا ڪنهن اداري طرفان سياسي غير جانبداري جو تاثر برقرار رهڻ گهرجي.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

The post سنٿيا کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي درخواست: گهرو وزارت کي 3 هفتن ۾ فيصلي جو حڪم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages