

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماورا حسين جو لاڪ ڊائون دوران وزن ايترو گهٽجي ويو، جو کيس سڃاڻڻ ئي ڏکيو ٿي ويو آهي.
ڪورونا وبا سبب لاڪ ڊائون دوران جتي ڪيترن ئي ماڻهن طرفان وزن وڌڻ جون شڪايتون سامهون آيون، اتي ئي وري اداڪارا ماورا حسين پنهنجي وزن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي آندي آهي.
ان حوالي سان اداڪارا ماورا حسين سوشل ميڊيا تي پنهنجون تازيون تصويرون جاري ڪيون ۽ ٿينڪ يو ڪورنٽائن جو هيش ٽيگ پڻ استعمال ڪيو.
سوشل ميڊيا تي اداڪارا جون تازيون تصويرون جاري ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن کي وارو ملي ويو ۽ انهن ماورا حسين جي جسماني بيهڪ تي ناڪاري ڪمينٽ ڪيا، ايتري تائين جو ڪجهه واهپيدارن ماورا حسين جي ڀيٽ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ سان به ڪئي.
ماورا حسين جي وزن ۾ گهٽتائي تي جتي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس ٽوڪ ڪئي، اتي ئي وري ڪجهه واهپيدار اداڪارا جي حمايت ڪندي به نظر آيا.
The post لاڪ ڊائون ۾ ماورا حسين ڪيئن ٿي وئي؟ سڃاڻڻ ڏکيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment