پاڪستان جون ٻانهون مروڙي قانون سازي ڪرائي پئي وڃي: مولانا فضل الرحمان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, August 13, 2020

پاڪستان جون ٻانهون مروڙي قانون سازي ڪرائي پئي وڃي: مولانا فضل الرحمان


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان جون ٻانهون مروڙي قانون سازي ڪرائي پئي وڃي، حڪومت تي عجلت سوار آهي جيڪا موجوده حڪمرانن جي بدنيتي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ گڏيل اجلاسن ۾ قانون سازي ڪئي پئي وڃي، اسان بلز جي مخالفت ڪئي ۽ انهن بلز کي اصولن سان پاڪستان جي مفاد جي ابتڙ قرار ڏنو.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته نه بلن کي سجهڻ جو موقعو ٿو ڏنو وڃي نه ڳالهيون ٿيون ڪيون وڃن، اسپيڪر جي چوڻ تي ڪجهه پارٽين کي گهرائي مشورا ڪيا ويندا آهن، اسپيڪر اسان جي پارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ناهن ڪيون، ايف اي ٽي ايف جي دٻاءَ تي قانون سازي ڪئي وئي، پاڪستان جون ٻانهون مروڙي قانون سازي ڪرائي پئي وڃي، حڪومت تي عجلت سوار آهي جيڪا موجوده حڪمرانن جي بدنيتي آهي، ايف اي ٽي ايف بلن تي هڪ پڌرائي جاري ڪري رهيا آهيون.

The post پاڪستان جون ٻانهون مروڙي قانون سازي ڪرائي پئي وڃي: مولانا فضل الرحمان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages