

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪيڏانهن نه وڃي رهيو آهي، بلاول ڀلي روز پريس ڪانفرنس ڪري ڪو فرق نه پوندو.
لاهور ۾ عيد نماز بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو ته عوام کي کنڊ ۽ اٽي ۾ سبسڊي ڏني وڃي.
هن چيو آمريڪا جهڙن ملڪ جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، پاڪستان جي معيشت هڪ امتحان مان گذري رهي آهي.
شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪيڏانهن نه پيو وڃي، مخالف ڌر ٽن مهينن تائين گوڙ ڪندي، بلاول جي روز پريس ڪانفرنس سان ڪو فرق نه پوندو.
The post مخالف ڌر ٽن مهينن تائين گوڙ ڪندي، پر ڪو فرق نه پوندو: شيخ رشيد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment