پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي ن ليگ جو رد عمل - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, August 1, 2020

پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي ن ليگ جو رد عمل


پوئتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻن شهباز شريف پيٽرول ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عيد جي موقعي تي هڪ ٻيو پيٽرول بم عوام تي ڪيرايو ويو.

جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته حڪومت پهرين ئي پيٽرول جي قيمت 25 رپيا في ليٽر وڌائي ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي.

هن چيو ته ماڻهو اڳ ۾ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي کان پريشان آهن، ن ليگ حڪومت ۾ 52 روپين ۾ وڪرو ٿيندڙ کنڊ 100 روپيا في ڪلو ٿي وئي آهي، ڇا اها تبديلي آهي؟ ڇا ھي نئون پاڪستان آھي؟.

شهباز شريف چيو ته عيد تي کنڊ ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عمران نيازي حڪومت عوام سان دشمني ڪئي آهي، حڪومت کي عوام جي ڏکيائين ڪو به احساس ناهي.

The post پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي ن ليگ جو رد عمل appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages