اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان کي يوم آزادي ملهائيندي پنهنجي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀيڻ ڀائرن کي به نه وسارڻ گهرجي ۽ پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي حق خوداراديت جي حمايت جاري رکندو.
ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي 74هين يوم آزادي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن اسان کي قائد اعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بي شمار قربانين جي ياد ڏياريندو آهي، هي ڏينهن اسان کي تحريڪ پاڪستان جي ڪارڪنن جي نطريي تي قائم رهڻ جي عزم جي تجديد ۽ ان جي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي.
ملڪ جي صدر چيو ته ڪورونا جي ڪري ڪيترائي مسئلا پيش آيا پر اسان جي پرعزم قوم اسمارٽ لاڪ ڊائون سان ان تي ضابطو آندو، اسان کي ڪورونا جي خلاف حفاظتي تدبيرن تي لازمي عملدرآمد جاري رکڻو پوندو، اسان جي معيشت هر شعبي ۾ ترقي ڪري رهي آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اسان بحران مان نڪري چڪا آهيون.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ملهائيندي پنهنجي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀائرن ۽ ڀينرن کي به وسارڻ نه گهرجي جن ڪشميرين کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز ظلم جو نشانو بڻائي رهي آهي.
The post يوم آزادي ملهائيندي اسان کي ڪشميري ڀائرن ڀينرن کي نه وسارڻ گهرجي: صدر عارف علوي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment