حڪومت قومي بچت اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, August 4, 2020

حڪومت قومي بچت اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت قومي بچت اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ ٻڙي ڏهائي 50 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ بهبود سيونگ سرٽيفڪيٽس ۽ پنشنرز بينيفٽ اڪائونٽس تي منافعي جي شرح وڌي 10.32 سيڪڙو سالياني ٿي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان قومي بچت اسڪيمن تي منافعي جي شرح جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جي موجب بهبود سيونگ سرٽيفڪيٽس ۽ پنشنرز بينيفٽ اڪائونٽس تي منافعي جي شرح وڌائي 10.32 سيڪڙو سالياني ۽ 860 رپيا ماهوار ڪئي وئي آهي جڏهن ته اسپيشل سيونگ سرٽيفڪيٽس ۽ اسپيشل سيونگ اڪائونٽس تي منافعي جي ماهوار شرح وڌائي 3400 رپيا ماهوار جڏهن ته 6 مهينن کان پوءِ 6.8 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

 نوٽيفڪيشن موجب ريگولر انڪم سرٽيفڪيٽس تي هر ڇهين مهيني  منافعي جي شرح وڌائي 8.7 سيڪڙو جي حساب سان 650 رپيا ماهوار ڪئي وئي آهي، 10 سالن جي ڊيفنس سيونگ سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح وڌائي 2 لک پنجاهه هزار رپيا ڪئي وئي آهي، سيونگ اڪائونٽس تي منافعي جي شرح وڌائي 8.6 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 3 مهينن جي مدي جي شارٽ ٽرم سيونگ سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح وڌائي 6.12 سيڪڙو جي حساب سان 1530 رپيا ڇهه مهينن جي سرٽيفڪيٽس لاءِ 6.14 سيڪڙو جي حساب سان 3070 رپيا ۽ 12 مهينن جي سرٽيفڪيٽس لاءِ 6.2 سيڪڙو واڌ ٿيل شرح سان گڏ منافعو وڌائي 6200 رپيا ڪيو ويو آهي.

The post حڪومت قومي بچت اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages