

لاهور(ويب ڊيسڪ) مريم نواز خانگي اسپتال ۾ پنهنجي ڳلي جو چيڪ اپ ڪرايو.
پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ خانگي اسپتال ۾ پهچي ۽ معمول جو طبي معائنو ڪرايو. ان موقعي تي مريم نواز سان گڏ سندس ذاتي ۽ سيڪيورٽي عملو به موجود رهيو.
ذريعن موجب مريم نواز پنهنجي ڳلي ۾ غدود جي چيڪ اپ لاءِ اسپتال پهتي هئي. هن عيد کان ڪجهه ڏينهن به پنهنجو طبي معائنو ڪرايو هو. واضح رهي ته مريم نواز جي ماءُ بيگم ڪلثوم نواز کي به انهيءَ کي مرض کي منهن ڏيڻو پيو هو.
The post مريم نواز جو خانگي اسپتال ۾ طبي معائنو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment