اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارتن ۽ اسرئايل جي وچ ۾ معاهدي جا پري تائين اثر پوندا.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ اسرائيل ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ معاهدي تي رد عمل ۾ چيو ته ان ڳڀرائي جا پري تائين اثر پوندا.
هن چيو ته فلسطينين جي حقن ۾ انهن جي خودمختياري جو حق شامل آهي جڏهن ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام به پاڪستان جي اهم ترجيح آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان انصاف تي ٻڌل گڏيل ۽ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل قومن ۽ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي موجب هميشه ٻه رياستي حل جي حمايت ڪئي آهي .
The post يو اي اِي ۽ اسرائيل ۾ معاهدي جا اثر پري پري تائين پوندا: پرڏيهي کاتو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment