اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ جي تحت هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن جون رهتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
تفصيل موجب ناڻي واري وزارت ۾ اعليٰ سطح جون ڳالهيون ٿيون ۽ ذريعن موجب وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ مالي معاملن تي ڳالهيون به ٿي ويون آهن.
ڳالهين ۾ وفاق طرفان ناڻي وارو صلاحڪار حفيظ شيخ، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ ايف بي آر چيئرمين شريڪ ٿيو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي وفد جي قيادت ڪئي، ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت جو ترجمان ناصر حسين شاهه ۽ تعليم وارو صوبائي وزير سعيد غني به شريڪ هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ سنڌ حڪومت جي 20-2019 جي وفاق جي ذمي رهتن جي منظوري ڏني وئي، ۽ فيصلو ڪيو ويو ته وفاق سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ جي تحت هلندڙ مالي جي شروعاتي ٽن مهينن جون رهتون ادا ڪندو.
The post وفاق جو سنڌ کي اين ايف سي تحت ٽن مهينن جون رهتون ادا ڪرڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment