

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 513 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ سان سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 98 هزار 250 تائين پهچي ويو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ صحتياب ٿيل مريضڻ جو انگ 2 لک 82 هزار 553 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 5 فوتگيون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گڏيل فوتگين جو انگ 6340 ٿي ويو، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي سڀ کان وڌيڪ متاثر مريضن جو انگ 1 لک 30 هزار 253 ٿي ويو.
ٻئي پاسي پنجاب ۾ مريضن جو انگ97 هزار 118 رپورٽ، ڪي پي ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر مريضن جو انگ 36 هزار 498، بلوچستان ۾ انگ 13157 ٿي ويو. اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر مريضن جو انگ 15726، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير 2313، گلگت بلتستان ۾ 2960 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 24 هزار 857 ٽيسٽون ڪيون ويون، سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين 27 لک 32 هزار 325 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن.
The post گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ اندر ڪورونا وائرس جا 513 نوان ڪيس رپورٽ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment