

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) هاڻ سادي ڪاغذ، پاٺي ۽ ٽشو پيپر کي به ڪي بورڊ يا پيڊ ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو، اهو اهم ڪم پوردوا يونيورسٽي جي ماهرن ڪيو آهي.
ان ايجاد جي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان جي پيڊ پيڊ ٺاهڻ ۽ هلائڻ لاءِ واڌو بيٽري جي ضرورت نه هوندي ۽ اهو آٽوميٽڪ توانائي حاصل ڪري سگھي ٿو. اهڙي طرح عام شين جي پيڪنگ کي به انٽرا ايڪٽو بڻائي سگھجي ٿو.
پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي جو پاڻ مرادو بجيل بڻائيندڙ برقي اوزار جو عملي مظاهرو ڪيو ويو آهي، رامسس مارٽنيز جيڪو پوردوا يونيورسٽي جي ويلڊن اسڪول آف بايو ميڊيڪل انجينيئرنگ جو نائب پروفيسر آهي، ٻڌايو ته ان تي فلورينيٽڊ جو هڪ تهه چاڙهو ويو آهي جيڪو ان کي پاڻي ۽ سڻڀ کان محفوظ رکي ٿو، اهڙي طرح اسان ڪاغذ تي سرڪٽ ڪيل تهه لڳائي سگھون ٿا. جيئن ئي ڪو بٽڻ دٻائيندو ته پريشر سينسر ان دٻاءَ مان بجلي ٺاهڻ لڳي ٿو.
اهم ڳالهه اها آهي ته ان کي روايتي پرنٽنگ ذريعي ڇاپي سگھجي ٿو. اهڙي طرح سمارٽ پيڪنگ ۽ انسان مشين انٽرفيس کي سولو بڻائي سگھي ٿو.
ان ٽيڪنالوجي ذريعي کائڻ پيئڻ جي شين جي پيڪنگ پاڻ خبر ڏئي سگھي ٿي ته اها تازي آهي يا پراڻي، ان ۾ شيون ڪهڙيون آهن؟ يا وري استعمال جي تاريخ ڇا آهي؟
ان جي عملي مظاهري ذريعي جي هڪ وڊيو به ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ ڪاغذ جي ٽڪري کي ميوزڪ انٽرفيس ۾ تبديل ڪري ان سان گيت، هلائڻ ۽ آواز ڪنٽرول کي ڏسي سگھجي ٿو.
پر ڪاغذي ڪي بورڊ جي پيڊ کي ٻين گھڻن ڪمن لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو.
The post هاڻ سادي ڪاغذ، پاٺي ۽ ٽشو کي به ڪي بورڊ يا پيڊ ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment