ساڍن 5 سالن ۾ 3990 دهشتگردي جا واقعا، 3384 پاڪستاني شهيد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 24, 2020

ساڍن 5 سالن ۾ 3990 دهشتگردي جا واقعا، 3384 پاڪستاني شهيد


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت 2015ع کان هن وقت تائين سڄي ملڪ اندر دهشتگرد ڪارروائين ۽ ان ۾ شهيد ٿيلن جي تفصيل جاري ڪري ڇڏي.

نيڪٽا جي رپورٽ موجب گذريل ساڍن 5 سالن ۾ دهشتگردي جي 3 هزار 990 واقعن ۾ 3 هزار 384 پاڪستان شهيد ٿيا جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 1457 اهلڪار جڏهن ته 1927 عام شهري شامل آهن.

ايوان ۾ پيش ڪيل دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو ته ان عرصي ۾ پنجاب ۾ 180 دهشتگرد ڪارروائين ۾ 263 ڄڻا شهيد ۽ 1017 زخمي ٿيا، سنڌ ۾ 371 دهشتگردي جي واقعن ۾ 402 شهري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شهيد جڏهن ته 977 زخمي ٿي پيا.

The post ساڍن 5 سالن ۾ 3990 دهشتگردي جا واقعا، 3384 پاڪستاني شهيد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages