

کنڊ وارن شربتن بابت چيو ويو آهي ته اِهي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهن ٿا. مٺا شربت جهڙوڪ جوس، سافٽ ڊرنڪ، چانهه ۽ ڪافيءَ ۾ کنڊ جي موجودگي ڪينسر جو خطرو وڌائڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
برطانوي طبي رسالي ۾ ڇپيل تحقيقي رپورٽ ۾ محققن هر قسم جي شربتن سافٽ ڊرنڪس، سئو سيڪڙو خاص فروٽ جي جوس، فروٽي شربت، کنڊ مليل گروم شربت، کير تي ٻڌل مٺي شربت، اسپورٽس ڊرنڪس ۽ اينرجي ڊرنڪس وغيره جي اثرن جو جائزو ورتو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو شربتن جي شڪل ۾ روزانو واڌو 100 ملي ليٽر کنڊ وارا شربت پيئن ٿا، انهن ۾ ڪينسر جو خطرو 18 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو.
تحقيق جي نتيجن موجب هڪ ڏينهن ۾ 100 ملي ليٽرن کان وڌيڪ شربت پيئڻ سان ڪينسر ٿيڻ جو خطرو 18 سيڪڙو تائين وڌي سگھي ٿو.
ماهرن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سافٽ ڊرنڪس يا مصنوعي مٺاڻ وارن شربتن کي ڪڍيو وڃي تڏهن به سئو ملي ليٽر جوس روزانو پيئڻ سان ڪينسر جو خطرو 12 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن 2 گلاس پيئڻ عادت بڻجي وڃي ته خطرو 50 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو.
محققن موجب ضروري ناهي ته مٺن شربتن جو استعمال مڪمل طور تي ڇڏيو وڃي بس پنهنجي غذائن کي متوازن بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن شربتن کي روزانو هڪ گلاس کان وڌيڪ استعمال نه ڪيو.
The post مٺا شربت ڪيسنر جو سبب بڻجي سگھن ٿا؟ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment