

هوائي جي وائي سيريز جو هڪ ٻيو مڊ رينج اسمارٽ وائي 7 اي متعارف ڪرايو ويو آهي.
اِهو ٻڌائڻ جي ناهي ته آمريڪي پابندين جي ڪري فون ۾ گوگل سروسز ۽ ايپس نه هونديون.
هواوي وائي 7 اي ۾ 6.67 انچ جو فل ايڇ ڊي پلس ايل سي ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي.
فون جي اندر ڪمپني جو پنهنجو ڪيرين 710 اي پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ اي ايم يو آءِ 10.1 سان ڪئي وئي آهي.
هي فون 4 جي بي ريم سان ليس آهي جنهن سان گڏ 64 ۽ 128 جي بي اسٽوريج جا آپشنز ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان 512 جي بي تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي.
ٻين فيچرز ۾ هيڊ فون جيڪ، يو ايس بي سي پورٽ ۽ سائيڊ ۾ فنگر پرنٽ ريڊر ذڪر جوڳو آهي.
وائي 7 اي ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 22.5 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.
فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرا جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جو آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سنسر ڪيمرا ڏنا ويا آهن، فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سنسر ڪيمرا ڏنا ويا آهن.
فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊيزائن ۾ ڏنو ويو آهي.
ان فون جي 128 جي بي اسٽوريج واري ماڊل جي قيمت 190 ڊالر ( 30هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آحي ۽ هي سڀ کان پهرين ملائييا ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي.
The post هواوي جو نئون ميڊرينج اسمارٽ فون وائي 7 اي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment