

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ جو جنون بنگلاديش جي عورت ڪرڪيٽر کي شادي جي وڳي ۾ ميدان گِهلي آيو ۽ هن برائيڊل فوٽو شوٽ ڪرڪيٽ کيڏندي ڪرايو.
فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر سان شادي ڪندڙ بنگلاديش عورت ڪرڪيٽر سنجيده اسلام شادي جي موقعي تي گرائونڊ پهچي بيٽ سان کيڏندي منفرد فوٽو شوٽ ڪرايو، جنهن تي مداح حيران ٿي ويا.
سنجيده اسلام جي اهڙين تصويرن کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پڻ ٽوئيٽر تي جاري ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ اهي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن.
Dress
Jewellery
Cricket batWedding photoshoots for cricketers be like …
![]()
Sanjida Islam pic.twitter.com/57NSY6vRgU
— ICC (@ICC) October 21, 2020
ڪرڪيٽ سان ايتري حد تائين محبت تي بنگلاديش ڪرڪيٽر جي ان عمل کي ڏاڍو ساراهيو پيو وڃي.
واضح رهي ته 2014 ۾ انٽرنيشنل ڊيبيو ڪندڙ 24 ورهين جي سنجيده 14 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ بنگلاديش جي نمائندگي ڪري چڪي آهي، هوءَ 2018 ۾ ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي کٽيندڙ اسڪواڊ جو پڻ حصو هئي.
The post راند جو جنون، عورت ڪرڪيٽر شاديءَ جي موقعي تي گرائونڊ پهچي وئي appeared first on Awami Awaz.


Sanjida Islam
No comments:
Post a Comment