سي سي پي او لاهور سميت ٻين بيورو ڪريٽن جي پروموشن جون درخواستون خارج - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 3, 2020

سي سي پي او لاهور سميت ٻين بيورو ڪريٽن جي پروموشن جون درخواستون خارج


اليڪشن

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بيورو ڪريٽس جي ترقين جي ڪيس بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ سي سي پي او لاهور سميت ٻين بيورو ڪريٽن جي پروموشن بابت درخواستن خارج ڪيون ويون آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله 68 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سروسز ڪارڪردگي ۾ بهتري، ترقي لاءِ اهليت ۽ معيار وڌائڻ جو حڪومت کي حق آهي، چونڊيل نمائندن جي ڪاميابي سول بيورو ڪريسي جي معيار، ڪارڪردگي ۽ اهليت تي ٻڌل آهي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جنهن عهدي تي سرڪاري ملازم مقرر آهي، ان کان مٿئين عهدي تي دعويٰ نٿو ڪري سگهي، ملڪ جي موثر حڪمراني جو دارومدار سرڪاري ملازمن جي معيار تي آهي، سرڪاري ملازمن کان اميد ڪئي وڃي ٿي ته سياسي، غير جانبدار ۽ فرض پيشيوراڻي انداز ۾ انجام ڏيندا.

فيصلي موجب قانون تحت اعليٰ عهدن تي ترقي لاءِ سي ايس بي آفيسرن خلاف وصول ڄاڻ کي نظر ۾ رکي سگهي ٿو.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سي سي پي او لاهور عمر شيخ سميت ٻين بيورو ڪريٽن جي پروموشن بابت درخواستون خارج ڪيون وڃن ٿيون.

عدالت چيو آهي ته سول سرونٽ پروموشن رولز 2019 درست انداز ۾ فريم ڪيا ويا، سينٽرل سليڪشن بورڊ جي پروموشن بابت سفارشون غير جانبدار آهن.

The post سي سي پي او لاهور سميت ٻين بيورو ڪريٽن جي پروموشن جون درخواستون خارج appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages