

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي ۽ سيپٽمبر جي آخري هفتي به 24 ضروري شين جا اگهه وڌي ويا.
ڳڻپ واري اداري موجب جولاءِ کان سيپٽمبر تائين مهانگائي جي شرح 8.85 سيڪڙو رهي پر سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح 9.04 سيڪڙو تي پهچي وئي.
هڪ مهيني ۾ ٽماٽي جي قيمت 40 سيڪڙو ۽ ٻين سبزين جي قيمت 35 سيڪڙو تائين وڌي.
ڳڻپ واري اداري طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران 24 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي.
بصر جي قيمت 11 رپيا 55 پئسا في ڪلو وڌي، جڏهن ته ٽماٽي جي قيمت ۾ 9 رپيا 88 پئسا في ڪلو واڌ ٿي.
رپورٽ موجب مڱن جي دال 3 رپيا 19 پئسا في ڪلو، جيئرو ڪڪڙ جو گوشت 4 رپيا في ڪلو، جڏهن ته بيضا 4 رپيا في درجن مهانگا ٿيا.
سيپٽمبر جي آخري هفتي کنڊ ۽ اٽو به مهانگو ٿيو، جڏهن ته ايل پي جي جو ساڍا 11 ڪلو جو گهريلو سئلينڊر 10 رپين تائين وڌيو.
هفتيوار رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گيهه، چڻن جي دال، مهري جي دال، چانور، ڳُڙ ۽ خشڪ کير جو اگهه پڻ وڌيو.
شماريات اداري موجب هڪ هفتي ۾ 3 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي، جڏهن ته 24 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.
The post حڪومت عوام کي ڪو رليف نه ڏنو، مهانگائيءَ ۾ واڌ جاري appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment