پيپلز پارٽي جلد پي ڊي ايم کان الڳ ٿي ويندي: غلام سرور خان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 31, 2020

پيپلز پارٽي جلد پي ڊي ايم کان الڳ ٿي ويندي: غلام سرور خان


راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير غلام سرور خان جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽي پيپلزپارٽي به هن کان الڳ ٿي ويندي.

راولپنڊي جي ٻهراڙي واري علائقي چڪ بيلي خان ۾ ترقياتي منصوبي جي افتتاح کان پوءِ اجتماع کي خطاب ڪندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت اسان جي حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، اسان جي برآمدات وڌي رهي آهي ڏينهون ڏينهن خوشحا    لي وڌي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته جڏهن معيشت جي دشمنن ڏٺو ته ڪورونا جي باوجود ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ته هنن پي ڊي ايم وجود ۾ آندي. اِهو چورن جو اتحاد آهي جيڪو مودي جي ها ۾ ها پيو ملائي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي فوج اسان جي سرحدن جي محافظ آهي  جو پگهر وهندو آهي ۽ هنن جو رت وهندو آهي هي پاڪستان جي فوج جي خلاف ڳالهائن ٿا.

The post پيپلز پارٽي جلد پي ڊي ايم کان الڳ ٿي ويندي: غلام سرور خان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages