جسٽس فائز عيسيٰ کي ان جي فيصلن جي سزا ڏني پئي وڃي: سپريم ڪورٽ بار صدر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 31, 2020

جسٽس فائز عيسيٰ کي ان جي فيصلن جي سزا ڏني پئي وڃي: سپريم ڪورٽ بار صدر


 

پشاور (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر عبداللطيف آفريدي چيو آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ کي ان جي فيصلن تي سزا ڏني پئي وڃي.

پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عبداللطيف آفريدي چيو ته سپريم ڪورٽ بار صدر جي ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ نيب خلاف رٽ داخل ڪرائينداس يا پارليامينٽ ۾ لابنگ ڪندس، سپريم ڪورٽ طرفان نيب کي تڪراري قرار ڏيڻ کانپوءِ ان جو ڪهڙو جواز ٿو رهي.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان تجربي ڪار ناهي، هن اسان کي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ته ڏياريو پر اڍائي سالن ۾ ملڪ لاءِ ڪجهه نه ڪيو.

سندس چوڻ هو ته ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن ڪم نه پئي ڪري سگهي، ججن جي مقرري بابت سڌارن ۽ قانون سازي جي گهرج آهي.

The post جسٽس فائز عيسيٰ کي ان جي فيصلن جي سزا ڏني پئي وڃي: سپريم ڪورٽ بار صدر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages