پي ڊي ايم جي جلسن سان ڪورونا نه پکڙجي وڃي: شيخ رشيد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, October 6, 2020

پي ڊي ايم جي جلسن سان ڪورونا نه پکڙجي وڃي: شيخ رشيد


 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مون کي خوف آ پي ڊي ايم جي جلسن سان ڪورونا نه پکڙجي وڃي.

راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن اتحاد جنهن ڏينهن جلسو ڪندو، ان جي ٻئي ڏينهن جواب ڏيندس، وزيراعظم عمران خان انهن کي جواب ڏيڻ جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي آهي، مان سِر جو جواب پٿر سان ڏيندس.

هن هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته پ پ ڪنهن به صورت ۾ پي ڊي ايم سان گهڻي دير تائين نه هلندي، جڏهن ته ش ليگ 31 ڊسمبر کان 20 فيبروري جي وچ ۾ ٺهي ويندي.

سندس چوڻ هو ته ڪابينا اجلاس ۾ نواز شريف جي واپسي جي حوالي سان ڳالهه ٿي، مان ان کي واپس آڻڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، حڪومت جي ڪوشش آهي ته نواز شريف کي واپس آڻي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، شهباز شريف سمجهدار آهي، هو سيلف پروٽيڪشن ۾ اندر هليو ويو.

The post پي ڊي ايم جي جلسن سان ڪورونا نه پکڙجي وڃي: شيخ رشيد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages