ڪورونا وبا دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو متاثر ڪندي؟ ماهرن ڇرڪائي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, October 6, 2020

ڪورونا وبا دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو متاثر ڪندي؟ ماهرن ڇرڪائي ڇڏيو


 

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته هڪ انتهائي محتاط اندازي موجب دنيا ۾ تقريبن هر 10 مان هڪ شخص ڪورونا وائرس جي انفيڪشن جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

اهو امڪاني انگ هن وقت دنيا ۾ موجود تصديق ٿيل ڪيسن جي انگ کان ويهوڻ تي آهي.

سڄي دنيا ۾ هن وقت تائين ساڍا 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ڪووڊ 19 جو شڪار ٿي چڪا آهن.

ماهرن موجب يورپ ۽ روس ۾ ٻيهر ڪيس وڌي رهيا آهن، جڏهن ته ڀارت ۾ روز جي بنياد تي سڀ کان وڌيڪ ڪيس رڪارڊ ٿي رهيا آهن.

The post ڪورونا وبا دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو متاثر ڪندي؟ ماهرن ڇرڪائي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages