انساني جسم لاءِ رت جون لچڪدار رڳون تيار - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 3, 2020

انساني جسم لاءِ رت جون لچڪدار رڳون تيار


بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۽ سوئزلينڊ جي سائنسدانن رت جون برقي ناليون تيار ڪري ورتيون جيڪي هڪ پاسي لچڪدار آهن ته ٻي پاسي وري پاڻمرادو ڳري ختم ٿي وڃن ٿيون. ان جي ڪامياب آزمائش ڪوئن تي ڪئي وئي آهي جنهن جا حوصلو ڏيندا نتيجا نڪتا آهن.

رت جون اهي انوکيون ناليون ڌاتي پاليمر سان تيار ڪيون ويون آهن. انهن نالين کي سيهڙن ۾ رت جي اصل رڳن کي ڪڍي انهن جي جاءِ تي آزمايو ويو آهي ۽ ان جا تمام سٺا نتيجا نڪتا جنهن جا تفصيل جرنل ميٽر ۾ ڇپيل آهن. پر انساني آزمائش جي منزل اڃا پري آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ان کي عام استعمال جي حياتياتي ڏاڪڻ يا اسڪيفولڊ نه سمجهو وڃي ڇو جو اهي ٻين برقي اوزارن سان گڏ لڳائي سگھجن ٿيون، گھڻي عرصي کان جسم ۾ لڳائي ويندڙ مصنوعي پيوند (امپلانٽ) کي جوڙڻ لاءِ رت جي مصنوعي نالين جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي.ان تي ڪم ڪندڙ مرڪزي سائسندان زنگ يو جيانگ آهي جيڪو سدرن يونيورسٽي آف سائنس ايند ٽيڪنالوجي ۾ تحقيق ڪندو آهي. هن موجب ِاهي رڳو رت جون ناليون نه پر برقي سرگرمي به پيدا ڪن ٿيون ۽ جين ٿيراپي سوڌو مختلف علاجن ۾ استعمال ٿي سگھي ٿيون.سائنسدانن سلاخ مان هڪ پاليمر جي چادر مان نلي بڻائي جنهن کي پاليمر poly(L-lactide-co-ε-caprolactone) جو نالو ڏنو ويو آهي. تجربي واري جاءِ تي ان کي زخم جي ماڊل تي آزمايو ويو ته اتي برقي سرگرمي پيدا ٿي جيڪو رڳن ۾ عام طور تي موجود هوندي آهي جڏهن ته زخم کي ڀريندڙ اينڊو ٿيليئل جيوگھرڙا به اتي پهچڻ لڳا.ان کان پوءِ ٽن مهينن تائين ان کي ڪوئن ۽ سيهڙن تي آزمايو ويو ته مصنوعي ناليون جيئن جو تيئن اصلي نالين جيان ڪم ڪرڻ لڳيون ۽ جانورن تي ڪي به هاڃيڪار اثر نه ٿيا.

The post انساني جسم لاءِ رت جون لچڪدار رڳون تيار appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages