

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمن سائنسدانن دريافت ڪيو آهي ته ڪانءُ رڳو چالاڪ ئي ناهي هوندو پر انسانن جيان پنهنجي وجود جو احساس رکندو آهي، يعني باشعور هوندو.
اها دريافت گھڻي اهم آهي ڇو جو هن وقت تائين ائين سمجهو ويندو هو ته پکين جو دماغ ايترو ترقي يافته/ارتقاءَ يافته ناهي هوندو جو انهن کي وجود جو احساس ٿي سگھي.
اڄ اهو خيال عام آهي ته پنهنجي وجود کان آگاهه هجڻ ۽ ”آئون ڄاڻان ٿو ته آئون ڄاڻان ٿو“ جو احساس رکڻ رڳو انسانن سان مخصوص آهي. پر ڪانءُ تي ڪيل هڪ تازي تحقيق اهو خيال غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي.
رسرچ جنرل سائنس جي هڪ تازي پڌرائي ۾ ڇپيل ان تحقيق ۾ يونيورسٽي آف توبنجن، جرمني جي ماهرن پڄري ۾ رکيل ٻن ڪانءُ کي ڪجهه ڪم سيکاريو ۽ پوءِ انهن ۾ شعوري سوچ معلوم ڪئي.
The post ڪانءُ به انسان جيان ”باشعور“ هجي ٿو: تحقيق appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment