مائيڪرو سافٽ جو نئين اپ ڊيٽ سان اڊوب فليش پليئر کي ختم ڪرڻ جو اعلان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 31, 2020

مائيڪرو سافٽ جو نئين اپ ڊيٽ سان اڊوب فليش پليئر کي ختم ڪرڻ جو اعلان


مائيڪرو سافٽ اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ سال جي آخر تائين ونڊوز ڊيوائسز تي اڊوب فليش پليئر کي ختم ڪيو ويندو.

مائيڪرو سافٽ سپورٽ جي پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ونڊوز 10 جي نئين اپ ڊيٽ سان ڊيوائس مان اڊوب فليش پليئر ريموو ٿي ويندو ۽ ائين سافٽ ويئر طرفان 31 ڊسمبر تي سپورٽ ختم ٿيڻ کان اڳ ٿيندو.

هي نئين اپ ڊيٽ ونڊوز 8.1 ۽ ونڊو 10 ويزن سان انسٽال اڊوب فليش پليئر ڊيليٽ ڪندي.

اِهو اعلان ان وقت ڪيو ويو جڏهن مائيڪرو سافٽ طرفان گذريل ڏينهن ونڊوز 10 آڪٽوبر 2020ع اپ ڊيٽ جاري ڪئي وئي جيڪا سمورن صارفن تائين پهچي رهي آهي.

The post مائيڪرو سافٽ جو نئين اپ ڊيٽ سان اڊوب فليش پليئر کي ختم ڪرڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages