

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊين اسٽار بيٽسمين ڪرس گيل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ هزار ڇڪا هڻندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو.
اهڙو ڪارنامو ڪرس گيل انڊين پريميئر ليگ جي هڪ ميچ دوران ڪنگز اليون پنجاب طرفان کيڏندي انجام ڏنو.
ويسٽ انڊين آل رائونڊر پنهنجي ان اننگز ۾ 8 ڇڪن جي مدد سان 63 بالن تي 99 رنسون ٺاهيون، جنهن کانپوءِ گيل طرفان مختصر ترين فارميٽ ۾ ڇڪن جو گڏيل انگ 1001 ٿي ويو.
41 ورهين جو ڪرس گيل هيل تائين 4 سئو کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏي چڪو آهي، جنهن ۾ هن مجموعي طور 13 هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون آهن.
ڪرس گيل ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ 13 هزار رنسون ٺاهيندڙ پڻ دنيا جو اڪيلو بيٽسمين آهي.
The post ڪرس گيل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هزار ڇڪن جو عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment