

واٽس ايپ پنهنجن واهپيدارن لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جيڪو ڪنهن به چيٽ کي هميشه لاءِ خاموش ڪري سگھندو.
اهو فيچر اهڙن واهپيدارن لاءِ ڪم جو هوندو جيڪي اسپام ميسيجرز جي ڀرمار ڪندڙ ماڻهن يا گروپن کان تنگ رهندا آهن.
آل ويز ميوٽ نالي فيچر تي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڪم ٿي رهيو هو ۽ هاڻ ان کي سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فيچر جي مدد سان واهپيدار ڪنهن به ڪانٽيڪٽ ي گروپ جي نوٽيفڪيشن کي سدائين لاءِ ميوٽ ڪري سگهندا.
ان کان اڳ واٽس ايپ طرفان ڪنهن گروپ يا ڪانٽيڪٽ جي لاڳيتن نوٽيفڪيشنز کان پريشان واهپيدارن کي مويٽ ميوٽ جا 3 آپشن ڏنا ويندا هئا، جن جي مدد سان نوٽيفڪيشن کي 8 ڪلاڪن، هڪ هفتي يا هڪ سال لاءِ ميوٽ ڪري سگھبو هو.
You can now mute a chat forever
pic.twitter.com/DlH7jAt6P8
— WhatsApp Inc. (@WhatsApp) October 23, 2020
پر هاڻ ڪنهن به چيٽ کي سدائين لاءِ ميوٽ ڪرڻ ممڪن آهي.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس کولي گھربل چيٽ کي ڪجهه دير تائين دٻائي رکڻو پوندو جنهن کان پوءِ مٿين بار ۾ ميوٽ آئڪون کي سليڪٽ ڪرڻو پوندو.
ائين ڪرڻ تي 8 ڪلاڪ، هڪ هفتو ۽ آل ويز جا آپشن نظر ايندا.
ائين ڪرڻ کان پوءِ ان مخصوص چيٽ جا نوٽيفڪيشنز سدائين لاءِ ميوٽ ڪري سگھبا.
The post واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ بهترين فيچر متعارف appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment