گوگل ميپس جي ڀيٽ ۾ هواوي جي متبادل ايپليڪيشن سامهون اچي وئي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 24, 2020

گوگل ميپس جي ڀيٽ ۾ هواوي جي متبادل ايپليڪيشن سامهون اچي وئي


هواوي پاران گوگل ميپس جي ڀيٽ ۾”ميپ ايپ پيٽل ميپس“ کي ميٽ 40 سيريز جي فونزسان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.

پيٽل ميپ  جلد هواوي ايپ گيلري ۾ بيٽا ورجن ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، جيڪو 140 کان وڌيڪ ملڪن ۾ مختلف ٻولين جي سپورٽ سان گڏ هوندو.

ڪمپني موجب ان ميپ ۾ 2 ڊي ۽ 3 ڊي نيويگيشن سان گڏ پنڌ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ذريعي منزل تائين پهچڻ جي سپورٽ به لانچ جي موقعي تي ڪجهه وڏن شهرن ۾ موجود هوندي.

پيٽل ميپس ۾ زوم ان اينڊ آئوت جي سهولت لاءِ ڪنٽرولز ڏنا پيا وڃن جڏهن ته ايئر جيسپر جي ذريعي نيويگيشن ويو ۽ ميپ اوور ويو تي سوئچ ڪرڻ ممڪن هوندو.

صارفين لوڪيشنز، ڪاروباري ادارن ۽ پنهنجي دلچسپي جي ٻين هنڌن کي ايپ ۾ سرچ ڪري سيو ڪري سگھندا.

هواوي جي دعويٰ آهي ته سرچ ۽ نيويگيشن جو سمورو ڊيٽا اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ هوندو.

ان ۾ ٽيڪسٽ ۽ وائيس ان پٽ ته اڳ کان موجود هو پر هاڻ ويزول سرچ آپشن جي واڌ به ڪئي وئي آهي.

ڪمپني موجب اهو فيچر في الحال ماڻهن، جانورن، هنڌن ۽ غذائن تي ڪم ڪري ٿو پر جلد ان ۾ ٻوٽن جي سڃاڻپ کي به شامل ڪيو ويندو.

The post گوگل ميپس جي ڀيٽ ۾ هواوي جي متبادل ايپليڪيشن سامهون اچي وئي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages