

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت جي پڌرائيءَ موجب پيٽرول جي قيمت هڪ رپيو 57 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ پيٽرول جي نئين قيمت 102 رپيا 40 پئسا في ليٽر هوندي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 84 پئسا لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 103 رپيا 32 پئسا في ليٽر هوندي.
ناڻي واري وزارت چيو آهي ته گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل آئل جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي، گاسليٽ جي موجوده قيمت 65 رپيا 29 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل آئل جي موجوده قيمت 62 رپيا 86 پئسا برقرار رهندي.
ناڻي واري وزارت موجب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي پهرين نومبر (اڄ رات 12هين وڳي کانپوءِ) لاڳو ٿيندي.
The post حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment