شهري ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائن، آخري تاريخ ۾ واڌ نه ٿيندي: ايف بي آر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 31, 2020

شهري ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائن، آخري تاريخ ۾ واڌ نه ٿيندي: ايف بي آر


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو چوڻ آهي ته شهري پنهنجا ٽيڪس گوشوارا 8 ڊسمبر کان اڳ جمع ڪرائي، آخري تاريخ ۾ وڌيڪ واڌ نه ڪئي ويندي.

ايف بي آر طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪس گذار سالياني ٽيڪس گوشوارا 8 ڊسمبر کان اڳ جمع ڪرائن، گوشوارا دخل ڪرڻ جي تاريخ ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.

ايف بي آر موجب ٽيڪس سال 2020 لاءِ نيو آسان ريٽرن فارم متعارف ڪرايو ويو آهي، ٽيڪس گذار وزرڊ بيسڊ آسان ويب انٽر فيس جي ذريعي گوشوارا جمع ڪرائي سگهي ٿو.

ايف بي آر جو چوڻ آهي ته اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جيتري آمدني هئڻ جي باوجود گوشوارا جمع نه پيا ڪرائن، اهڙن ماڻهن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي جن جا خرچ وڌيڪ آهن پر هنن آمدن گهٽ ظاهر ڪئي.

The post شهري ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائن، آخري تاريخ ۾ واڌ نه ٿيندي: ايف بي آر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages